educate sindh

26
* جيوڪيٽ سنڌ اي* يمڻ عبدالرزاق م: ا ۽ منظرڪشي ڪالمُ تحرير مALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 1 ايڪٽ پهريون( يونٽ ون بنگلو) ر کان وڌيڪ هزاهويههان هڪ لک چو سنڌ ۾ اوِ رهاڱي کانپوء و شاعرن, کڪن جي صورتهاڻيڪارن۽لي ڪر کان وڌيڪهٺ هزا ٻا ڇو؟ِ ۾ موجود رهيا آهيوپوء19 May 2014 at 08:53 يق تحرير ۽ تحق: يمڻجنيئر عبدالرزاق م انرو اديبو ۽ دانشوي سنڌ جا ا! لن ۽ سوچن جان سوا وٽ هن ڇا توهان جواب آهن؟قتن کي حقي مادي جي عي زندگي مشقن ۽ فارمولن ذري جي اضيوهان ري اڻ جي ڳڻ ڳوت ڪانه ڪئي، اتي بنائاضيفڪ ۽ ري سائنٽير کان وڌيڪ هزاهويههان هڪ لک چو سنڌ ۾ اورهاڱي کانپو ور کانهٺ هزا شاعرن ۽ ٻاکڪن جي صورتهاڻيڪارن ۽ لي ڪ وڌيڪفڪار کانلن ۽ ا خيا کي پنهنجيڌ جي ماڻهن ۾ موجود رهيا آهيو ۽ سن اچو پيا ڏيندا آگاهي. ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيوهان مشاعرن اائڻ ۾ به خودهن مله خاص ڏينون، شامون توڙي سانجهي رهيونُ آهي ۽ س ڪفيل رهيا آهيو. ڻ نه ڏني اسن جي کوٽ ڪڏهن ره ڪانفرن ۽ ٿوPublic

Category:

Education


7 download

DESCRIPTION

SAVE SINDHI SOCIETY FROM ALL ODDS EDUCATE SINDH & DO NOT BECOME PARTNER OF ANY (NASHAEE or MAWALI) WHO MAY BE ON ANY IMPORTANT POSITION & FINANCIALLY BENEFICIARY TO YOU BY RIGHT OR WRONG WAYS, MAY BE HE IS POET, WRITER, HISTORIAN & SAVE SINDHI SOCIETY FROM DRUG ADDICTIONS. IT IS POISON BEING INJECTED IN SINDHI SOCIETY & IN NEW GENERATION, FLOWING RAPIDLY IN NEW YOUTH BLOOD TO PROMOTE COPY & SAFARISHI CULTURE IN SINDH, TO KEEP SLEEP SINDHI'S SO THEIR RESOURCES SHALL BE CAPTURED, TO UN EDUCATE SINDHI & DEPRIVE THEM TO BECOME PROFESSIONAL. GET-UP FROM DREAMS & SAVE SINDHI COMMUNITY BECOMING PART OF OUR THINK TEAM (SINDHI WRITERS GUILD) WORKING FOR RESEARCH PURPOSE & UNDER BANNER OF Sollywood, Production, Publication Research Center New Saidabad) A group of THINK TEAM FOR SINDHI SOCIETY.

TRANSCRIPT

Page 1: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 1

ورهاڱي کانپوء سنڌ ۾ اوهان هڪ لک چوويهه هزار کان وڌيڪ (بنگلوون يونٽ ) ايڪٽ پهريون

ٻاهٺ هزار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪارن۽ليکڪن جي صورت ,شاعرن

۾ موجود رهيا آهيوپوء ڇو؟19 May 2014 at 08:53

انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ: تحرير ۽ تحقيق

ڇا توهان وٽ هنن سوالن ۽ سوچن جا ! اي سنڌ جا اديبو ۽ دانشورو جواب آهن؟

اوهان رياضيء جي مشقن ۽ فارمولن ذريعي زندگيء جي مادي حقيقتن کي

سائنٽيفڪ ۽ رياضياتي بنائڻ جي ڳڻ ڳوت ڪانه ڪئي،ورهاڱي کانپوء سنڌ ۾ اوهان هڪ لک چوويهه هزار کان وڌيڪ

وڌيڪ ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جي صورت شاعرن ۽ ٻاهٺ هزار کان ۾ موجود رهيا آهيو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي خيالن ۽ افڪار کان

اوهان مشاعرن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي . آگاهي ڏيندا پيا اچوآهي ۽ سرهيون سانجهيون، شامون توڙي خاص ڏينهن ملهائڻ ۾ به خود

. ڪفيل رهيا آهيو ٿو ۽ ڪانفرنسن جي کوٽ ڪڏهن رهڻ نه ڏني ا

Public

Page 2: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 2

اوهان موهن . سيمينار به اوهان جي کٻي هٿ جو کيل رهندا آيا آهنجي دڙي ۽ سنڌو درياهه تي سال جي ويندڙ سج کي الوداع ڪرڻ جي اجتماعي ڪارگذاري به ڏيکاري آهي ته نئين سال جي پهرئين صبح جو

ادبي ميڙاڪن ۾ ڳاهٽ به ٿيا . اڀرندڙ سج جون سالميون به ڀريون آهن .اڻين جي گونج به هميشه رهي آهيآهيو ۽ گڏج

ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود هن ڌرتيء علم ۽ ڏاهپ جو ڪو

مهارتن جي . اخالقي قدرن جي ڪا آبياري ڪانه ٿي. عروج ڪونه ڏٺوسک . مثالي ماڻهن جي ڪا نرسري ڪانه جڙي. ڪا ترقي ڪانه ٿي

نه ڪي. الء سرگردان ماڻهن کي اطمينان جي ڪا واٽ ڪانه مليسگهارن فڪري روين جا بنياد پيا، نه ڪو سماجي ترقيء جون وٿون نروار ٿيون، نه ڪا ويڳاڻپ ختم ٿي، نه ڪا صحتمند چٽاڀيٽي شروع ٿي سگهي، نه ڪو ڪلفتن جو زوال آيو، نه ڪو محبتن جو عروج

!ٿيو، نه اجتماعي ڌارا سگهاري ٿي سگهي ۽ نه عمل جو آغاز ٿيو

تنقيد ۽ تعريف جو نرالو . وبار جو عروج ٿيوها، البت ڄنڊاپٽ جي ڪارهڪ ٻئي جي پٽڪي الهڻ واري رسم جي آبياري . ڪلچر متعارف ٿيو

ماڻهن کي ڀٽڪڻ . ٿي، گروپ بندي جي ترقي ٿي، جڳاڙين جا فصل لٿانشستن جي اختتام تي پيئڻ پيئارڻ جا بنياد پيا ۽ هڪ . جا رستا مليا

!ٿيٻئي الء هروڀرو مهانتائن مڃڻ جي ترقي

Page 3: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 3

ان . ورهاڱي کانپوء اسان سان رياست جو رويو سڄڻائپ وارو ڪونه هو

صورت ۾ اسان جي صاحبان علم ۽ دانش کي ترتيب ۽ تنظيم سان ادارا سگهاري فڪر، مهذب . جوڙي پنهنجي ماڻهن جي تربيت ڪرڻي هئي

اجتماعي ڌارا کي . ڪلچر ۽ جٽادار روايتن جي پاسداري ڪرڻي هئيماڻهن جي عزم ۽ عمل کي ميالپ ڏياري شاندار سگهارو ڪرڻو هو ۽

بنائڻو هو ليڪن بدقسمتيء سان انهن مان ڪو هڪ ڪم به .تحريڪي ۽ مشنري انداز ۾ پنهنجي ماڻهن جي الء ڪونه ٿيو

!اي اديبو ۽ دانشورو

قومي مزاج ۾ جذبن ۽ عقليت جو توازن قائم رکڻ الء اوهان کي اهم

ين ممڪن نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ڪردار ادا ڪرڻو هو ليڪن ائاوهان پاڻ ئي ان توازن جي شعور کان عاري رهيا ۽ نه رڳو پاڻ ٺلهي جذباتيت جي وهڪري ۾ وهندا رهيا بلڪه قوم کي به ان وهڪري

اوهان وٽ ڪل ڏاهپ جو سرچشمو اوهان جي . ۾ غوطا کارائيندا رهيالکڻيون پنهنجي ذات، داخلي محرومين تي مبني شاعري ۽ پنهنجون

اوهان کي هر قسم جي سنجيده تقريب ۾ راڳ رنگ به گهرجي . هيونڏيئا . پيو ۽ هر مهذب تصور سان گڏ پيگ پيالو ۽ کيل تماشو به کپي پيو

ٻاري ويندڙ سال کي الوداع ڪرڻ ۽ ايندڙ سال جي اڀرندڙ سج جي

Page 4: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 4

سالمي ڪنهن خاص هنڌ تي ڪرڻ اوهان الء وڏي ۾ وڏي اجتماعي ي رويا، علمي طريقا ۽ علمي جهد اوهان جي ائپروچ علم. سرگرمي هئي

.۽ اڻ تڻ ۾ ئي شامل نه هئا وڏي بدقسمتي ته اوهان وٽ سائنس جي علمن جي حاصالت الء ڪابه ديوانگي نه هئي، جنهن سان اوهان قوم جي اجتماعي مهارتن ۽

اوهان وٽ . قابليتن کي سگهارو بنائڻ الء ڪو ڪردار ادا ڪري سگهوذريعي زندگي جي حسناڪين کي ترتيب ۾ آڻي انهن کي فلسفي جي

منظم ڪرڻ جي تڙپ ۽ جستجو نه هئي، جنهن سان اوهان نوجوانن مان ويڳاڻپ ختم ڪري انهن ۾ زندگي، حسن ۽ حق جو ادراڪ ۽

اوهان رياضيء جي مشقن ۽ فارمولن ذريعي . عمل سگهارو ڪري سگهواتي بنائڻ جي ڳڻ زندگيء جي مادي حقيقتن کي سائنٽيفڪ ۽ رياضي

ڳوت ڪانه ڪئي، جنهن سان اوهان نوجوانن کي چٽاڀيٽي ۽ مهم اوهان هر وقت رڳو بي مقصد . جوئيء جي ميدانن ۾ ڊوڙائي سگهو

شاعري، غيرمعياري راڳ ۽ اجاين نعرن جي صورت ۾ نوجوانن کي انڌين محبتن جي انهن . محبتن ۽ نفرتن جا بي منزل پيچرا پئي ليڪي ڏنا

پيچرن تي روان رهي نوجوانن جو وڏو حصو رهبرن سان بي منزل ڪڏهن به اختالف راء جي حق جو . عقيدتون نباهڻ جو پتلو بڻجي ويو

استعمال انهن جي الء حرام بڻجي ويو ۽ هر اجتماعي عمل ۾ شرڪت وري جڏهن . جو بنياد شخصي وابستگيون ۽ ياري باشي وڃي رهيو

Page 5: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 5

ته اهي نفرتون ئي سندن هيرو نوجوان انڌين نفرتن جي ور چڙهي ويا نتيجي ۾ انهن عقل ۽ دليل جي ڪابه ڳالهه . ورشپ بڻجي ويون

پنهنجي دل تي دستڪ ڏيڻ الء پهچڻ نه ڏني ۽ ڪنهن به مسئلي تي غير جانبداريء سان سوچڻ الء پنهنجن دماغن جي تاالبندي ڪري

.ڇڏي

!اي ديده ورو، اي دانشورو

ل روايتن کي اکيون ٻوٽي قوم جي مٿان اوهان ماضي پرستيء جي فضواسين پٿر جي دور ! اسين موهن جي دڙي جا وارث: مسلط ڪري ڇڏيو

دنيا جي سڀني کان ! کان وٺي عظيم، دنيا جي سڀني قومن کان عظيموڏي ادبي تنظيم به اسان وٽ، دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو به اسان

اسين عظيم، ... ۾وٽ، دنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان به اسانجي سنڌ دنيا جي سڀني قومن کان برتريء جي اهڙي ! اسين عظيم، اسين قديم

مهم جوئيء اوهان کي ڪڏهن هيء سوچڻ جو موقعو به نه ڏنو ته . بحيثيت قوم جي ماضيء ۾ اسان کان ڪي غلطيون به ٿيون آهناسان جون ڪي اجتماعي ڪوتاهيون به آهن جيڪي روڳ بڻجي

.دحاليء جو ڪارڻ بڻيون آهناسان جي مرحليوار ب

Page 6: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 6

توهان ڪڏهن اهو سوچيو ته ڪيتريون ڳالهيون، سلوگن ۽ فيصال هئا جيڪي خوبصورت لفظن ۾ ويڙهي، دونهيندار انداز بيان ۾ هتان جي ماڻهن کي تجويزن ۽ تائيدن الء مليا ۽ ماڻهو انهن جي سحر ۾ ليڊرن

جا هتان جي پٺيان ڳاهٽ ٿيندا رهيا ليڪن انهن غير عقلي فيصلن .ڪيترن نسلن کي ڪيتا لوڙڻا پئجي ويا

پنهنجي بدحاليء جو جڏهن به تذڪرو نڪتو ته ان جو الزام رڳو ٻين

بدحاليء جي پنهنجي اندروني سببن . قومن ۽ ڌارين طاقتن تي لڳايو سيننه سياسي سببن تي، . تي ويچار جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي

ي ۽ نه فڪري سببن تي ڪو غور ڪيو نه اخالقي ۽ معاشي ڪارڻن تقومن جو بگڙڻ ۽ بنجڻ ڏهاڪن ۽ صدين جي سفر تي ڦهليل هوندو . ويو

آهي، ان جي ذميداري ڪنهن هڪ واقعي، ڪنهن هڪ ڌارئي يا ٻيو ته ڌارئي کي تسلط جو . ڪنهن هڪ ذميدار تي نه هوندي آهي

۽ موقعو به تڏهن ملندو آهي جڏهن اها قوم اندروني طور تي ڪمزور بدحال هوندي آهي ۽ اوهان اها ڪمزوري ۽ بدحالي قوم کي ٻڌائڻ جي

اها تڪليف گوارا نه . ڪڏهن تڪليف ئي گوارا ڪونه ڪئيڪرڻ جيڪڏهن هن خيال کان هو ته بدحاليء بابت فڪري ۽ سماجياتي شعور ماڻڻ ماڻهن جو پنهنجو ذاتي مسئلو آهي ۽ ڇاڪاڻ

عاقل بالغ آهن، پاڻ پنهنجي جو هيء معلومات جو دور آهي، ماڻهو پاڻته اها اوهانجي ... معلومات ذريعي پنهنجي بدحالي جا سبب ڄاڻي وٺندا

Page 7: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 7

اهو به ممڪن آهي اوهان ڄاڻي واڻي . حد درجي جي ذهني سادگي هئيبدحاليء جي انهن سببن کي ڌارين جي کاتي ۾ هڻي ڪنهن به ذميوار

. گهريي کڻڻ کان التعلق ٿي پنهنجي جان خالصي ڪرائڻ ٿي ڇاڪاڻ ته اوهان کي قومي بدحاليء جي فڪري ۽ سماجياتي سببن جي نشاندهيء جي نتيجي ۾ پنهنجي عملي ڪردار جي مشقتن مان گذرڻو پئي پيو ۽ بدقمستيء سان اوهان قومي فڪري ڌارائن جي تشڪيل الء ان عملي ڪردار جي پلصراط تان گذرڻ الء تيار ئي نه

.هئا

رهيا ته پنهنجي قوم ۾ غدار آهن پر اهو نه ٻڌايو ته اوهان رڙيون ڪنداجيڪڏهن پنهنجي قوم ۾ ڪي غدار پيدا ٿيا ته ڇو ٿيا؟ ۽ انهن غدارن کان ڇوٽڪاري جو رستو ڪهڙو آهي؟ اوهان اهو به ڪونه ٻڌايو ته قومي سفر ۾ جيڪي ناڪاميون پلئه پيون، انهن جا حقيقي

ناڪاميء جي رپورٽ زندهه قومون پنهنجي هر . ڪارڻ ڪهڙا هئامرتب ڪنديون آهن ليڪن هتي سنڌي قوم کي پنهنجي قومي وجود جي بقا الء ٿيندڙ مزاحمتي ناڪامين جي سببن جي هڪ تفصيلي

آمريڪا وارن ويٽنام ! رپورٽ به ڪنهن دانشور جي پاران نه ملي سگهي۾ پنهنجي شڪست جو يادگار ٺهرائي چوڪ تي سجائي ڇڏيو ته اهو

کي پنهنجي ناڪامين جي يادگيري ڏياري آئنده جي غلطين يادگار هنن

Page 8: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 8

کان بچڻ جي عالمت بڻيو رهي، ليڪن اوهان هتي غلطين جي سادي .اعتراف جا به روادار نه رهيا

اوهان مان جيڪي ٻه چار اکر وڌيڪ پڙهيل هئا، انهن پنهنجي قابليتن کي ڪن به وڏي قومي مقصدن جي الء ارپي ڇڏڻ بجاء سڻڀين

ري نوڪرين جي حاصالت الء پاڻ کي خواهشن جي رڃ ۾ سرڪاڊوڙائي رکيو ۽ جيستائين اهي سڻڀيون نوڪريون اوهان جي شهري اشرافيه واري مرتبي ماڻڻ واري حسرت جو پورائو ڪنديون پئي آيون، اوهان ڦرڻين ڪرسين ۽ آرامده ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن جي نشي ۾

ن سڻڀين پوسٽن تان پاسيرو غلطان پئي رهيا پر جيئن ئي اوهان کي انهڪيو ويندو هو ته اوهان جي ڪنن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء الء خطري جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿينديون هيون ۽ پوء اوهان جي ايئر

جي نالي تي گڏجاڻيون “ سنڌ جي ڀلي”ڪنڊيشنڊ ڊرائنگ رومن ۾ .شروع ٿي وينديون هيون

يزي ۽ اردو ڪمال جي اوهان مان ڪيترن اديبن ۽ دانشورن جي انگر

هئي ۽ وٽن لکڻ جو ڏانء به هو ليڪن افسوس جو اوهان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ڪيس انگريزي ۽ اردو لکتن جي ذريعي دنيا تائين پڄائڻ جي

ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن سنڌ مخلوط . الء ڪا مهم جوئي ڪانه ڏيکاري

Page 9: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 9

الء النسل صوبو بڻجي ويو ته اوهان پنهنجي دانش سان هتي هميشه .آباد ماڻهن کي ڌرتيء جي خوشبوء جو ديوانو نه بڻائي سگهيو

اوهان ڌرتي ڌڻين جي زندگي ۽ موت جي مسئلن ۽ سنڌ ڪيس جو ، جتان سڄي سنڌ ۾ ڪو هڪڙو معلوماتي مرڪز به ڪونه جوڙيو دنيا جي ابالغي ذريعن ۽ مختلف محاذن تي وڙهندڙ عملي ڪردارن کي

.انفارميشن فيڊنگ ڪري سگهجي اوهان مان ڪيترا اهڙا هئا جن جا ڪالم جڏهن سنڌي اخبارن جي اندرين صفحن تي فوٽوئن سان ڇپجڻ لڳا ته اهي پاڻ کي مهان دانشورن

. ۾ شامل ٿي ويا“ دانشوريء جي قومي استحقاقي لسٽ”۾ شمار ڪرائيان کانپوء اڳتي وڌي مڪالمن جي آغاز، تربيتي مرڪزن جي قيام،

جي جوڙجڪ، تبديلين جي الء عملي ڪردار ۽ معلوماتي سينٽرن هاڻي اهڙن مهان ! فڪر جي اوسر جي اوهانکي ڄڻ ضرورت ئي نه هئي

دانشورن جي الء صدارت جون ڪرسيون ۽ خاص مهمان جا تمغا قومي ضرورت بڻجي ويا ۽ انهن ٻنهي مقصدن جي الء آدم بو آدم بو جو

.سمان وڃي رهيو

ندگيء ۾ ڪو هڪ رسالو ڪڍيو يا ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جن زڪن . ڪنهن رسالي ۾ ياري باشيء جي بنياد تي شريڪ ڪيا ويا هئا

Page 10: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 10

ڪو هڪڙو متاثر ڪندڙ بيان ڪڍيو هو ۽ ڪن ڪنهن هڪڙي احتجاجي جلوس ۾ ئي شرڪت ڪئي هئي پر هاڻي انهن ماڻهن جو

ڪارڪردگيء جو “ عظيم”استحقاق بڻجي پيو ته اهي پنهنجي انهيکائيندا رهن ۽ سنڌ جا مهان سڄڻ ليکيا وڃن، ڇو ته سڄي ڄمار کٽيو

سنڌ جي نالي . بظاهر سنڌ جي غم ۾ هميشه الء سندن هانء ڦاٽي ٿوتي جاري ڪيل ان هڪڙي بيان، رسالي، ڪهاڻي ۽ جلوس کان پوء انهن ماڻهن جو اهڙو ڪوبه اداره ساز ۽ شخصيت ساز ڪردار سامهون نه

ٿڻ ويهڻ ڪري اهي آيو پر رسمي لکڻيون لکڻ ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ا

ڇاڪاڻ جو انهن ماڻهن جون . بڻجي ويا“ مهان ماڻهو”هميشه الءپنهنجيون پنهنجيون ڪئمپون ۽ البيون هيون، انهيء ڪري هڪ

.چوڻ جي ريت خوبيء سان نڀائجندي رهي“ قاضي ۽ حاجي”ٻئي کي

ڪ انهن سنڌ ۾ ه! جو پورو پروفائيل کولي ڏسو“ قاضين”۽“ حاجين”اهڙنانهن سنڌ ۾ هڪ به مڪالمي . ڪونه جوڙيو“ شانتي نڪيتن”به“ ندوه”برپا ڪونه ڪيو، انهن سنڌ ۾ ڪوبه“ ڪولوزيم”جوانهن مان ڪنهن به ائڊورڊ سعيد جيترو . وجود ۾ نه آندو“ عليگڙهه”۽

ڪم ته ٺهيو پر ارون ڌتي راء جيترو زائفاڻن حقن بابت تحرڪ به .ڪونه ڏيکاريو

Page 11: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 11

جنم ڏيڻ الء اوهان کي پنهنجي دور جي ماڻهن تحرڪ ۽ تحريڪ کي اوهان . جو اعتماد حاصل ڪرڻو هو، پر اوهان ان ۾ به ناڪام رهيا

مان وڌ ۾ وڌ ذهين دانشور به چئن يارن جي چوياري جوڙي ڊرائنگ رومن ۾ سنڌ جي وقتي مسئلن تي فڪرمندي ڪندي سڄي عمر

پنهنجي اوهان . قراردادن پاس ڪرڻ کان اڳتي ڪونه وڌي سگهيافڪري ڌارائن کي عوام ۽ ڌرتيء جي روح سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ تبديليء جي الء به ڪنهن به موثر فڪري سگهه کي

جڏهن اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيا ته پوء . وجود ۾ آڻي نه سگهياايئن هتي . عوام جي مٿان مفاد ۽ غرضن جي غالمن پنهنجو وارو وڄايو

ي ڀٽڪائيندڙ هچائون مٿي ۾ لڳنديون رهيون ۽ ذهنن ۽ ويچارن ک .ڏينهون ڏينهن ڀٽڪڻ جو عمل سگهارو ٿيندو رهيو

!اي سنڌ جا دانشورو ۽ اديبو

اوهان کي هميشه پنهنجي لکيتن ۾ سنڌ جو درد ۽ فڪر الحق رهيو

اوهان پنهنجي پر ۾ ڪجهه نه . آهي، انهيء تي ڪي به ٻه رايا ڪونهنش ڪندا رهيا آهيو، انهيء سان به ڪجهه ٻوٽو ٻارڻ جي ڪوش

پر اهڙين وکريل ڪوششن جو ٿورو گهڻو فائدو . اختالف ڪونهياوهان جي چوڌاري موجود ادبي دنيا معرفت اوهان کي ته ملندو رهيو آهي، پر اسان جي سماج کي اوهان جي جيتري موثر ڪردار ۽ عمليت

Page 12: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 12

ن ان کان جي ضرورت رهي آهي، اوهان کي اعتراف هئڻ گهرجي ته اوهااوهان جون جيتريون ذميداريون بڻجن ٿيون، ان حساب . قاصر رهيا آهيو

اوهان . سان اوهان ۾ اهو ولولو ۽ اها مستعدي پيدا نه ٿي سگهي آهيجي موثر ڪردار جي ادائيگيء ۾ رڪاوٽ اوهان جو فڪري بحران

اوهان وٽ ڪابه فڪري وحدت ڪانهي ۽ ٽڪرن ٽڪرن ۾ . آهيجي ادبي صالحيت ۽ اوهان جي ڄاڻ ڪنهن اوهان. ورهايل آهيو

فڪر جي اوسر بجاء اوهان جي ذات جي قابليت ۽ علمي ادبي ڌاڪي اوهان مان ڪيترن مهان دانشور ٿيڻ . ڄمائڻ تي استعمال ٿي رهي آهي

جي چڪر ۾ پاڻ کي افالطون، هيگل، ڊيڪارٽ ۽ فرائيڊ جو علمي کي خواص جي وارث بنائڻ ۽ باور ڪرائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي تحريرن

اوهان دنيا جي عملي سماج . مٿان رعب وجهڻ جو هٿيار بڻائي ڇڏيوسڌارڪن ۽ مذهبن جي بانين ۽ ماضيء ۾ بنيادي تبديليون آڻيندڙ رهنمائن جي ذميدارين ۽ طور طريقن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪونه

اوهان پنهنجي روحن کي روشن فڪري عطا نه ڪري . ڪري سگهياهان پنهنجي الء ذميداري ۽ شعور به پيدا ڪري سگهيا، جنهن سان او

سگهيا پئي ۽ عوام جي فڪري ۽ سماجي رهنمائي پڻ ڪري سگهيا .پئي

اوهان سڀئي تخليقڪار هجڻ جا دعويدار آهيو پر افسوس سان چوڻو ٿو

گروپ . پوي ته اوهان مان اڪثريت جي ڄاڻ جو بنياد رڳو تقليدي آهي

Page 13: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 13

کيون ٻوٽي ان جي پوئواريء ۾ جو گرو جيڪا سوچ رکي ٿو، چيال ااهڙن ماڻهن جو تعداد بنهه گهٽ آهي جيڪي فڪر . هلندا وتن ٿا

۽فهم جي بنياد تي، دليل ۽ حجت سان هٿياربند ٿي زميني حقيقتن پٽاندڙ ميسر ماحول ۾ سماجي افڪار جي سگهه تي پنهنجو قبلو

.متعين ڪندا هجن

الحيتن کي اڏوهي اوهان جي انفراديت پسندي اوهان جي سمورين صوانگر اندران ئي اندران کائي ناس ڪندي ٿي وڃي پر اوهان کي انهيء

هڪ باضمير اديب ۾ جيڪا اقدامي . جو شعور ئي ڪونه ٿو رهيجرئت هئڻ گهرجي اها ڪمال اجتماعيت پسنديء جي رجحانن سان نن حاصل ٿيندي آهي ۽ بدقمستيء سان اجتماعيت گريزي جي رحجا

اوهان کي اقدامي جرئت جي جوهر کان محروم ڪري وڏن ۽ غيرمعمولي ڪمن جي سرانجاميء کان التعلق ۽ بيگانو ڪري ڇڏيو

.آهي سماج جي الء پنهنجي اندر مان اٿندڙ بي چينيء جي اڻهوند واري خال کي ڀرڻ الء اوهان کي ڪابه اطمينان جي هوند گهرجي پئي پر اوهان

پوء جڏهن . اوهان کي گروهن جو مجاور بڻائي ڇڏيو جي تقليد پرستيءانهن گروهن اکيون ٻوٽي هر ڳالهه ۾ مغرب جي پوئواريء جي واٽ

مغرب ۾ سوويت . اختيار ڪئي ته اوهان به ان قطار ۾ شامل ٿي ويوئ

Page 14: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 14

يونين جو زوال ٿيو ته هتان جي سماجي ڏاهن جي سڄي هوا نڪري تان جي سرمائ. وئي

يدارانه سوسائٽيء جي، مخصوص حالتن فرائيڊ ۽ سارتر ا

۽ نتيجن ۾ سرمائيداراڻي ويڳاڻپ ختم ڪرڻ الء پنهنجي ماڻهن کي واٽ ڪڍي ڏني هئي پر اوهان نقل ۾ به عقل کان ڪم وٺڻ بدران ڊوڙون پائي نه صرف پاڻ انهن واٽن تي ڊڪڻ شروع ڪيو پر اوهان

جي ٻين پنهنجي لکيتن جي ذريعي انتهائي غريب ۽ ڏتڙيل سوسائٽيانهن واٽن جي منزل جي . اڻڄاڻن کي به انهن واٽن تي ڊوڙائڻ شروع ڪيو

اوهان کي به خبر ڪانه هئي پر اهو جديديت جي فيشن طور اوهان جي پر جيڪي توهان کي معتبر سمجهي منزل جي حاصالت . الء الزم هو

الء اوهان پويان ڊوڙيا، اوهان انهن کي به سهڪائي سهڪائي بيحال .ڏڻ کانسواء ڪجهه به کين پلئه نه وڌوڪري ڇ

اوهان کي ان . اوهان مان ڪيترن ماڻهن هيگل جي جدليات پڙهي هئي

جدليات جي روشنيء ۾ هي شعور حاصل هو ته هر تصور هڪ حد يا نسبت کان اڳتي وڌي پنهنجي نفي ڪندو آهي ۽ تصورن جي ٽڪراء

هيء شعور کان مان هڪ نئون تصور پيدا ٿيندو آهي، ليڪن اوهان انعاري رهيا ته جدليات جو اهو عمل خودبخود جاري نه رهي سگهندو آهي، بلڪه انهيء کي جاري رکڻ الء شعور، فڪر ۽ ارادي جي ضرورت

اوهان پنهنجي چوڌاري تصورات جي تصادم مان هڪ . هوندي آهينئين تصور پيدا ٿيڻ جو ڪرشمو ڏسڻ جي انتظار ۾ رهيا، جيئن

Page 15: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 15

لتن جي بدلجڻ ۾ امام مهديء جو انتظار ڪنديون مذهبي ڌريون حارهيون، تيئن اوهان مان هڪڙا حالتن جي بدلجڻ الء روس ۾ ٻيهر سوشلسٽ انقالب جي امڪانن کي تڪيندا رهيا ۽ ٻيا وري بدلجندڙ عالمي ڊيموگرافڪ تبديلين جي آسري تي هڪ ٻئي کي خودبخود

ي شڪست کائڻ سٺ سالن ج. قسمت بدلجڻ جو دلداريون ڏيندا رهياجو عمل به اوهان جي هوش حواس کي اهو باور نه ڪرائي سگهيو ته اوهان زمان ۽ مڪان جي شعور ۽ صدين تي محيط پنهنجي فڪري .روايتن سان پاڻ ۾ تبديليء جو عزم ۽ ارادو کڻي قوم جي سامهون وڃو

!اي سنڌ جا اديبو ۽ دانشورو

و اوهان پنهنجي ڏاهپ اوهان جي مت انهيء ڪري کسجي ويئي هئي ج

۽ شعور جي بنيادن ۾ پنهنجي خلقڻهار کي پنهنجو ساڻي ۽ شريڪ نه اوهان پنهنجي خلقڻهار جي بخشيل انهيء سمجهه ۽ عطا کان پاڻ . بڻايو

کي محروم رکيو جيڪا هن پنهنجي تڙپندڙ بندن جي الء همت . ۽عظمت جي طور تي انسان جي تحت الشعور ۾ محفوظ رکي آهي

اوهان جي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتيء سان وابستگي، تڙپ نتيجي ۾۽ جستجو انهيء منزل تي ئي نه رسي سگهي جو اوهان ۾ سماج جي الء

اهڙي امنگ ۽ ارپنا . سڄڻ ۽ سڌارڪ هئڻ جي ديوانگي پيدا ٿي پويجيڪا هزارين سالن کان سماج جي سڄڻن ۽ سڌارڪن جو مرڪ رهي

Page 16: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 16

سانيت جي ڪمن الء انهن کي بيخود اهڙي ديوانگي جيڪا ان. آهياهڙي ديوانگي جنهن حق ۽ سچ جي ساٿ الء سقراط . بڻائي رکندي هئي

اهڙي بيتابي جنهن پنهنجي مشن جي تڪميل . کان زهر جو پيالو پيارايوعه کي صليب تي پهچائي ڇڏيو، اهڙي امنگ الء حضرت عيسي

رفراز ڪرڻ قدرن ۽ فالحي معاشري کان س جنهن انسانيت کي اعلي. کي طائف جي بازارين ۾ پٿر کارايا جي ذميداريء ۾ حضرت محمد

اهڙي حوالگي جنهن ملوڪيت ۽ آمريت کي چئلينج جي ڪري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ الء منصور بن حالج کي تخته دار تي پڄايو

اهڙي وابستگي جنهن ڌارين جي تسلط الء للڪار بڻجي مخدوم . هواهڙي قرباني جنهن هن ڌرتيء جي . اڻي ۾ پيسرايو هوبالول کي گه

مظلوم ۽ پيڙهيل هارين کي پنهنجو حق ڏيارڻ الء شاهه عنايت کي .شهادت جي مرتبي تي فائز ڪرايو

اوهان جي شخصي بحران جو اصل ڪارڻ اهو آهي ته اوهان بحيثيت

مان ڪير آهيان؟ ڇو پيدا ”.انسان پنهنجي شناخت جي تالش ڇڏي ڏنياوهان جي “ و ويو آهيان؟ منهنجي زندگيء جو مقصد ڇا آهي؟ڪي

زندگيء ۾ انهن بنيادي سوالن جي جواب جي نه ڪا تالش رهي، نه نتيجي ۾ اوهان وٽ زندگيء جي روين ۽ حقيقتن ۾ . ڪا اهميت رهي

جڏهن زندگيء جي باري ۾ نصب . وقت بوقت تضاد منظر تي ايندا ويا

Page 17: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 17

ه اوهان پاڻ مان اهو جوهر، استعداد، العين جو تصور ئي نه رهيو تصالحيت ۽ لقاء وڃائي ويٺئو، جنهن ۾ دنيا جي چٽاين ۽ حسناڪين

جڏهن اهو استعداد ئي . کي قبول ڪرڻ جي خاصيت هوندي آهيوڃائجي چڪو ته پوء هيڏو ڊگهو تهذيبي ۽ علمي پسمنظر ۽ هيڏي

بڻائي ساري صوفي فڪر جي زرخيزي به اوهان کي بچائي ان الئق نه .سگهي جو اوهان قومي بقا جي الء فعال ڪردار ادا ڪري سگهو

سنڌ جو محسن ۽ دانش جو جوهر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان تي ڌارين غنيمن جي مسلسل يلغارن ۽ پنهنجي ڪمزور نظام جي نتيجي

هن جي فڪر جي . ۾ پيدا ٿيل خرابين جي سڌاري الء گونجار بڻجي اڀريوڙپ جي انتها، هن جي عمل الء اتساهيت جي گهرائي ۽ پرواز، هن جي ت

انيڪ آزارن ۾ وڪوڙيل قوم جي نبض شناسي ڏسي، سڄي سنڌ هن اوهان به نالي ماتر ته کيس . جي مسيحائي جو اعتراف ڪري ويٺي

پنهنجو رهبر ڪري ورتو، پر افسوس جو اوهان ڀٽائيء جا سڌڙيا عاشق ي سوچ جي پيمانن تي پورو لڌو اوهان ڀٽائي کي جيترو پنهنج. ثابت ٿيو

اوتري ان جي مسيحائي مڃي ۽ جتي اوهان جي نفسي خواهشن جو مسئلو هو، جتي آفاقي پيغام جي قبوليت جو مطالبو هو، جتي لوچ هئي، جتي جهد هئي ۽ جتي سورهيائپ سوڀ کي مرڻي هئي، اتي

ڀٽائي هڪ پختي عقيدي . اوهانجي طرفان حيال بهانا ۽ تاويلون هيونري مسلمان جي حيثيت ۾ پنهنجي رسالي کي االهي آيتن جو تفصيل وا

Page 18: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 18

ڪري پيش ڪيو، ليڪن اوهان پنهنجي زندگيء جي سڀني شعبن ۾ پالڻهار پنهنجي آفاقي . پالڻهار جي ضابطن جي پابنديء جا روادار نه رهيو

جي ذريعي ضابطن جو آخري ايڊيشن قرآن مجيد حضرت محمدان سان وابستگيء جي ڪا نسبت ئي انسانيت کي عطا ڪيو، اوهان

جيڪو ڪتاب ڏاهپ جو ڀنڊار هو، جيڪو ڪتاب . نه جوڙيانسانيت جي ڪامراني ۽ فالح جي فطري اصولن جو سرچشمو هو، جيڪو ڪتاب انسان جي نصب العين ۽ منزل جو تعين ڪندڙ هو،

.اوهان پاڻ تي ان جو پاڇو پوڻ ئي ڪونه ڏنو

ڪن وانگر پنهنجي ۽ ڌرتيء جي وچ ۾ ڀٽائي سڄي دنيا جي سماج سڌارپنهنجي خلقڻهار کي شاهد بڻائي عمل ۽ اتساهيت جو ٽڪنڊو بڻايو ليڪن اوهان هميشه لڪيرن تي ڊوڙندا رهيا ۽ تشڪيل اوهان کان

نتيجي ۾ اوهان کان ڪنهن به وڏي ڪردار . ڪابه ٿي ڪانه سگهي .جي ادائيگي ۽ غيرمعمولي ڪارگذاريء جي توقع به ڪونه رهي

ڀٽائي هڪ نبض شناس سڌارڪ جي حيثيت ۾ هتان جي ماڻهن کي

ان فڪر جي روء سان خدا ۽ . وحدت الوجودي فڪر جو پيغام ڏنواوهان انهن نفاستن جي ! بندي ۾ تعلق جون ڇا ته نفاستون هيون

جي هورا کورا مان ئي ڪونه ” ڳوليان ڳوليان م لهان”حاصالت الءسڀ ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ ”۽“ هنماڻهو اهلل جو عيال آ”.گذريوئ

Page 19: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 19

، جهڙن وحدت الوجدي اصولن سان اوهان سنڌ ۾ ايڪتا ۽ “برابر آهنايثار جو شاندار سماجي انقالب برپا ڪرڻ الء سگهارا فڪري بنياد

ليڪن اوهان کي ڀٽائيء جي ڏسيل سڌي . فراهم ڪري پئي سگهيوڀٽڪڻ جي دڳ تي هلڻ بجاء ور وراڪن سان ڀانت ڀانت جي واٽن تي

اوهان اوجهڙ ۾ ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿاٻڙجندي ڪريا ۽ . هير پئجي وئي هئياوهان جي اديباڻي سرڪشي ۽ . ٻيهر اٿي پلو ڇنڊي وري هلي پئي پيا

دانشوراڻي برتريء جي غرور اوهان کي سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ .ايئن سالن جا سال وهامندا ويا

صحت تي ڪو اثر پوڻو ڪونه ايئن وقت وهامي وڃڻ جو اوهان جي

اوهان نالي ۾ هن سماج جا پرجهيل چونڊ افراد هئا ۽ سماج سان . هوان پي آر جي ڪري اوهان کي . لکيتن جي ذريعي اوهانجي پي آر هئي

مڃتائون حاصل رهيون ۽ پنهنجي سماجي اسٽيٽس جي ڪري اوهان کي سڻڀيون نوڪريون به ملنديون رهيون ۽ مجلسن جو صدارتون ۽

ليڪن اوهان . خاص مهمانيون به اوهان کي ريجهائي رکنديون رهيونجي لوچ ۽ الالئي کان دوريء اوهان کي ڪنهن به غير معمولي حاصالت کان محروم رکيو جنهن جو ڪيتو بهرحال هن سماج جي

اوهان سماج جي . ڪروڙين غريبن، بي ڪسن ۽ ڏتڙيل ماڻهن ڀوڳڻو پيوقو هئا جيڪي گورن جي غالميء انهن موثر طبقن مان هڪ موثر طب

جي خاتمي کانپوء هن قوم کي ڪارن جي نئين غالميء مان جان

Page 20: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 20

ديس واسين ۾ هن ڌرتيء . ڇڏائڻ الء عمل جي واٽ ٻڌائي پئي سگهيا. جي مالڪي جي اهليت پيدا ڪرڻ جي تربيت ڪري پئي سگهيا. سندن مهارتن کي سگهارو ڪري انهن جي خون کي گرمائي پئي سگهيا

وهان فڪري روين جي تاڃي پيٽي سان سماجي ترقيء جو وٿون نروار ااوهان انقالب جون مشعلون ٻاري ٻاٽ کي الٽ ڏئي . ڪري پئي سگهيا

ليڪن اوهان هيڏن منصبن جي حق ادائيء جي بجاء وقتي . پئي سگهيامسئلن تي بيان بازيء جي مهم، قراردادن جي ڀرمار، هڪٻئي سان

نارن جي انعقاد سان قوم کان پنهنجيون شامون ملهائڻ ۽ سيميائين وقت وهامندو ويو ۽ غالميء جا . مهانتائون مڃرائڻ جا روادار رهيا

.ڳٽ هن ديس جي ماڻهن کي گهٽيندا ۽ ٻوساٽيندا ويا هٽ، ٻوسٽ جي سٺ سالن واري سڄي عرصي ۾ هن ديس جي

ان گ

کي بنيادي انهن . ماڻهن کي رياست جي پنهنجائپ ۽ سڄڻائپ ميسر نه ٿيکين روزگار جي جديد کان . حقن کان ظالماڻي حد تائين محروم رکيو ويو

جديد موقعن کان بهره ور ٿيڻ ته پنهنجي جاء تي، الٽو درياهه تي بئراج ۽ ڊيم اڏي هزارين سالن کان سندن جياپي جي آسري کي به ختم ڪرڻ

انهن جي مڊل ڪالس کي ڌاڙن، اغوائن ۽ . جي ڪوشش ڪئي وئيسندن تعليم ۽ . ي سياسي ڪلچر جي ذريعي تباهه ڪيو ويوجڳاڙ

شهر، تجارت ۽ صنعت انهن جي الء . معاشرت کي هٿ وٺي بگاڙيو ويو

Page 21: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 21

ڪرب ۽ عذاب جا نوان نوان طريقا ڪڍي انهن جي . اوپري بڻائي وئي .روحن ۽ جسمن کي رهڙيو ويو

ڌرتيء جا وسيال ڌارين جي حوالي ٿي ويا، ڌرتيء جي حاڪميت

شهر ڌرتي ڄاون الء اوپرا بڻايا ويا ۽ شهري حڪومتن ! ائي وئيکسڪامن ۽ انصاف کان به . تعليم ۽ نوڪرين تي بندشون وجهي ڇڏيون

محروم ڪيو ويو ۽ ڪٿي به ڪنهن ڪمزور ۽ غريب ماڻهوء الء نتيجي ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ . تحفظ ۽ حفاظت جي ڪابه ضمانت نه رهيڌين جي مٿان رياستي اوپرائپ سنڌين مان چند لکن کي ڇڏي باقي سن

اهي امن، تحفظ، انصاف ۽ روزگار جي . جي قيامت گذرندي رهي آهيانهن جي ڌرتيء جي سيني ۾ . حاصالت الء ڊوڙائي ڊوڙائي ماريا ويا آهن

کربين رپين جو تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات موجود آهي پر ان حاصل ڪري نه ڌرتيء جا ڄاوا ٽن ويلن جي مانيء جو اطمينان به

.سگهيا آهن هتان جي ماڻهن کي اهڙين بدترين حالتن مان ڇوٽڪارو ۽ قسمين قسمين سنگهرن مان آزاديء جي رهنمائي فراهم ڪري ته ڪير ڪري؟ انهن ۾ محبت، اعتماد ۽ سرگرميء جا سال ڪير اڀاري؟ انهن کي جهالتن جي ڌٻڻ مان ڪير ڇڪي ڪڍي؟ انهن جي ذهنن ۽ دلين

امنگ جا ڏيئا ڪير روشن ڪري؟ انهن جي قابليتن ۽ مهارتن ۾ اميد ۽

Page 22: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 22

کي ڪير سگهارو ڪري ۽ کين مسابقت ۽ مقابلي جي الء ڪير منظم ڪري؟

!اسان جا اديبو

هيستائين پل جي هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي ۽ اسين بحيثيت

اهڙي وقت دنيا جي قومن . قوم فيصله ڪن صورتحال تي بيٺل آهيونپنهنجي آجپي الء ڪيل ڪامياب جدوجهد کي نظر ۾ رکندي طرفان

قهاري جهالت ۽ ظالماڻي غالميء . اسان پاڻ بدالئڻ جو عزم ڪيونجي سنگهرن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي اڪاري ڪڍڻ جي الء جنهن انقالب ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي، ان الء اسان کي سٺ سالن جون هٺ ڌرميون،

اسان کي رسمي ادبي طريقن ۽ نالي . ضديتون ۽ انائون ڇڏڻيون پونديونجي دانشوريء جي رينگٽ کي ڇڏي هڪ وڏي سماجي ۽ سياسي

انهيء جي الء فوري پيشرفت هيء آهي ته . تبديليء جا بنياد وجهڻا پوندااسان ماضيء جي غلطين ۽ ناڪامين جو اعتراف ڪري پاڻ بداليون ۽

دين کان سماج اسان ص. پاڻ ۾ ترقي پسند خود شعوري پيدا ڪريونجي تبديليء جي الء پتوڙيندڙ عملي سماج سڌارڪن ۽ مذهبن جي

ظلم، توهم پرستي ۽ پستيء جي خاتمي الء آخري . بانين جي واٽ وٺونجي تبديليء واري طريقي کي پيغمبر محسن انسانيت حضرت محمد

.پنهنجي الء مثال بڻايون

Page 23: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 23

الء ابدي هدايت ۽ انهيء عمل سان اسين نه صرف انسانيت جي

رهنمائي جي سلسلي سان جڙي تبديليء جي نون امڪانن کي تخليق ڪري وٺنداسون بلڪه مسخ ٿيل مذهبيت جي انهن ڪروڌن کان به پنهنجي ماڻهن کي آجو ڪري وٺنداسين، جيڪا ايامن کان کين

.ڀٽڪائي سندن سورن جو ڪارڻ بڻجندي رهي آهي

!اي سنڌجا اديبو ۽ دانشورو

ان پاڻ بدلجڻ جو عهد ڪريو ۽ صرف هي پنج ڳالهيون نڀائڻ جو اوهعهد ڪريو، پوء ڏسو ته تبديليء جا سوين امڪان ڪيئن ٿا تخليق

:ٿين

مقصد هيٺ گذارڻ جو عزم پنهنجي زندگي هڪ چٽي ۽ اعلي -1ڪريو ۽ سماج جي ڀلي الء پنهنجي اندر مثالي ماڻهن واري ارپنا ۽

.ديوانگي پيدا ڪريو

اجاين بحثن ۽ تنقيد کي ڇڏي ترقي پسند خود شعوري ۽ عملي -2ڪردار سان تبديليء جي واٽ وٺو ۽ پنهنجي چوڌاري بگڙيل ادارن کي

.سنوارڻ ۽ نون ادارن جي قيام جو ذمو کڻو

Page 24: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 24

سائنس، فلسفي ۽ رياضيء کي پنهنجي علمي ترقيء جو بنياد بڻائي -3

ڪرڻ جون گهڻ رخيون عوام جي صالحيتن ۽ مهارتن کي سگهاري .ڪوششون ڪريو

انسان، ڌرتي ۽ خلقڻهار کي فڪر جو محرڪ بڻائي، پنهنجي ماڻهن -4

.۽ ڌرتيء الء ذميداراڻي ڪردار کي يقيني بڻايو

ڀٽائيء جي ٻڌايل فڪري واٽ تي دلين ۾ تبديليء جي چڻنگ ٻاري -5سنڌ جي ماڻهن جي ڪردار جي پختگي، اجتماعيت جي سوچ ۽

.مت جي طريقن کي سگهارو ڪيومزاح

جنهن به دور ۾ ! اوهان سڄي انساني تاريخ جو گهرو مطالعو ڪري ڏسواتان جي صاحبان علم ۽ دانش پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ته انهن پنهنجي روشن فڪريء سان مٿين ڳالهين ذريعي پنهنجي سماج کي

جي واٽ جا جڏهن اوهان ان تبديليء. واقعي تبديل ڪري ڏيکاريو آهيپانڌيئڙا بڻبو ته ان وقت اطمينان جي انهيء عظيم حاصالت کي اوهان به حاصل ڪري وٺندو جيڪا انقالب فرانس جي ڪاميابيء کي اکين سان ڏسي ڪانٽ کي حاصل ٿي هئي ۽ هن انقالب جي

منهنجي اکين ! منهنجا خلقڻهار”ڪاميابيء جي خبر ٻڌندي چيو هيو ته

Page 25: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 25

جو منظر ڏسي ورتو آهي ۽ هاڻي پنهنجي هن تنهنجي عطا ڪيل نجات بندي کي سرخروئي سان پنهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو عطا

“!ڪر

پڄاڻيSCREEN PLAY

Writer : Engr. Abdul Razzaque Memon

Cell : 0300 – 2895691 & 0315 – 2075056

E-Mail : [email protected]

WEB : http://www.facebook.com/sindhi.media

Page 26: Educate sindh

* ايجيوڪيٽ سنڌ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 26

http://www.facebook/sollywood.sindhimedia